سجاڳيءَ جو سڏ

سجاڳيءَ جو سڏ

سجاڳيءَ جو سڏ

سجاڳيءَ جو سڏ (ڪتاب): هيءُ ڪتاب سنڌ جي نالي وارن محققن، اديبن جي مضمونن، تبصرن ۽ خطن تي مشتمل آهي، جنهن کي نوجوان اديب ۽ ليکڪ سردار ڀيي سهيڙي روضي ڌڻي پبلڪيشن عمرڪوٽ مان 2010ع ۾ شايع ڪرايو. هن ڪتاب جي شروع ۾ پير پاڳاري شاهه مردان شاهه (ثاني) جو 2 فيبروري 2010ع تي درگاهه شريف پير جو ڳوٺ ۾ حر جماعت ۾ ننڍپڻ جي شادين، ناپسند ۽ بي جوڙ رشتن وغيره تي ڪيل خطاب ڏنو ويو آهي، ان کان سواءِ مضمون، تبصرا ۽ خط شايع ڪيا ويا آهن، هن ڪتاب ۾ ڊاڪٽر بلوچ ۽ اياز گل کان سواءِ ساٺيڪو کن اديبن جا مضمون ڏنا ويا آهن ۽ پنج اردو مضمون به شامل آهن، 228 صفحن جي هن ڪتاب جي قيمت 200 رپيا آهي.


لفظ سجاڳيءَ جو سڏھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو